سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
ٻنوي سيف: سيف ٻنوي اديب، شاعر، سياسي ڪارڪن ۽ صحافي آهي. سندس اصل نالو محمد رحيم آهي ۽ سيف تخلص اٿس. ٺٽي ضلعي جي ٻني، شهر جو رهاڪو هجڻ ڪري ٻنوي سڏجي ٿو. هو 21 جون 1944ع تي ٻنون ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ ۾ ۽ سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺٽي، نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هاءِ اسڪول سعيدپور مان حاصل ڪيائين. 1962ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪرڻ بعد سيڪنڊري ٽيچر مقرر ٿيو. ڏهن سالن تائين مختلف اسڪولن ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ بعد 1972ع ۾ نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏيئي ڇڏيائين. 1972ع کان 1974ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگلش ڊپارٽمينٽ جو شاگرد رهيو ۽ آنرس جا ٻه سال ڪرڻ بعد پڙهائي ڇڏي ڏنائين. 1974ع کان 1976ع تائين وفائي پرنٽنگ پريس ڪراچيءَ جو مئنيجر رهيو. 1976ع ۾ روزانه ”سنڌ نيوز“ حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر مقرر ٿيو، جيڪا شيخ عزيز جي ادارت ۾ شايع ٿيندي هئي. ان بعد اڄ سوڌو مختلف اخبارن هلچل وغيره ۾ ڪم ڪندو رهيو آهي. سندس سياسي وابستگي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان سان رهي ۽ هو ان پارٽي جي شاگرد تنظيم سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو سرگرم ڪارڪن رهيو. 1950ع واري ڏهاڪي ۾ ننڍي عمر ۾ ئي پنهنجي والد جي ....وڌيڪ پڙهو